اَعتبار علي جاگيراڻي

اَعتبار علي جاگيراڻي

اعتبار علي جاگيراڻي

اَعتبار علي جاگيراڻي: سياسي ڪارڪن، صحافي ۽ ليکڪ ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي پھرين اپريل 1926ع تي تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ڇُٽو جاگيراڻي‘ لڳ ’جمعو اگھم‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مولوي دولت خان جاگيراڻي پنھنجي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام ۽ خطيب هو. اعتبار علي جاگيراڻيءَ سنڌي فائنل تائين تعليم حاصل ڪري، 1943ع ۾ علامه عنايت الله مشرقيءَ جي پارٽيخاڪسار تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو. ساڻس گڏ لاڙڪاڻي جو مشھور وڪيل ۽ اڳوڻو سفير عبدالرزاق سومرو به ’خاڪسار تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو. 30 جولاءِ 1946ع تي علامه عنايت الله مشرقيءَ جي چوڻ تي 3 لک خاڪسار گهنٽا گهر، چاندني چوڪ دهليءَ ۾ گڏ ٿيا ته انگريز حڪومت ان جلسي تي پابندي مڙهي هئي. پوليس ڪارروائيءَ ۾ ٻين خاڪسارن سان گڏ ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي ۽ مشھور اديب ۽ قديم آثارن جو ماهر تاج صحرائي به گرفتار ٿيا هئا. پاڪستان ٺھڻ وقت ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي دهليءَ جي قيد خاني ۾ بند هو. سندس قربانيءَ عيوض علامه عنايت الله مشرقي کيس ’جانباز‘ جو لقب ڏنو. 7 جنوري 1949ع تي ٻه سال قيد ڀوڳي، پنھنجي وطن پھتو ۽ اچي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ’هاري ڪميٽيءَ‘ ۾ شامل ٿيو. هن 1952ع ۾ رتيديري مان ’هاري‘ اخبار جاري ڪئي، جنھن جو پاڻ مئنيجنگ ايڊيٽر هو، جڏهن ته ذوالفقار راشدي ايڊيٽر هو. هن رتيديري شھر ۾ ’هاري پرنٽنگ پريس‘ جو بُنياد پڻ رکيو. ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻيءَ 1970ع ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو. عمر جي آخري حِصي ۾ هن پنھنجي آتم ڪھاڻي لِکي. سندس اُهو قلمي پورهيو ’شخصيت ۽ جدوجھد‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي. 28 جون 2002ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي، وصيت موجب کيس رتيديري ۾ ’هاري‘ اَخبار جي دفتر ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ اعتبار علي جاگيراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.04.01  عيسوي

سياسي ڪارڪن، صحافي ۽ ليکڪ ڪامريڊ اعتبار علي جاگيراڻي پھرين اپريل 1926ع تي تعلقي رتيديري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ڇُٽو جاگيراڻي‘ لڳ ’جمعو اگھم‘ ۾ پيدا ٿيو.


2002.06.28  عيسوي

اَعتبار علي جاگيراڻي 28 جون 2002ع تي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي، وصيت موجب کيس رتيديري ۾ ’هاري‘ اَخبار جي دفتر ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جانش بهادر ۽ جان بيگ
پليجو مخدوم يعقوب
رحيم خان پرانگ
شاهه خواجه
چنيسر2
سوامي هردارام
يارو فقيرريڍار
عبدالڪريم بوبڪائي مخدوم
پريتم ڀڳت
جتوئي ارشاد ساگر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون